لاڙڪاڻي ۾ حادثي ۾ فوت ٿيل مختيار ڪار جي جڳهه تي نياز علي مقرر

لاڙڪاڻو(ڊ ر) گورک هل اسٽيشن حادثي ۾ هفتو اڳ قمبر واسي لاڙڪاڻي جو مختيار ڪار سليم الله رند فوت ٿيو هو جنهن کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ مختيارڪار جي ڪرسي خالي هئي. ڪالهه روينيو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري پاران هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري شڪارپور مان نياز علي کي بدلي ڪري لاڙڪاڻي جو مختيارڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي. واضع رهي ته هفتو اڳ 5 سيپٽمبر جي ڏينهن لاڙڪاڻي مان گورک هل اسٽيشن تفريح لاءِ ويل اڳوڻو مختيارڪار سليم الله رند، تپيدار اسلم سيال، ڪوٽوار واحد بخش ککراڻي ۽ ڪوٽوار طارق چانڊيو فوت ٿيا هئا.

 احمد پور لڳ ڀاڳين مڙسي ڪندي چورن کان مينهن ڇڏائي ورتي

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ وسطڙا مان پورھيت ڳوٺاڻي حاجن وسطڙو جي گذريل رات دير سان نامعلوم چورن پاران چوري  ڪيل ڀلوڙ مينھن احمدپور پوليس خفيه اطلاع تي ناڪابندي ڪري پير شھبازي موڙ وٽان چورن سان مقابلو ڪري ڇڏائي ورتي، ايس ايڇ او احمدپور حضور بخش جوڻيجو جو چوڻ آهي ته گذريل رات چوري ٿيل مينھن نامعلوم چور ھڪ ھنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رھيا ھئا ته ھڪ خفيه اطلاع تي درگاھ پيرشھبازي ڀرسان ڪيلن جي باغ وٽان ناڪابندي ڪري مينھن چورن کان ڇڏائي ورتي آهي جڏهن ته چور اونداھي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا آهن ۽ مينھن مالڪن حوالي ڪئي وئي آهي..

سلطان ڪوٽ پوليس جي ڪارروائي، 3 ڪلو چرس هٿ، جوابدار  گرفتار

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان سلطان ڪوٽ پولیس ڪاروائي ڪري ھڪ جوابدار علي دوست عرف پرویز تیغاڻيءَ کي گرفتار ڪري ورتو سندس قبضي مان 3 ڪلو چرس هٿ ڪري گناھ نمبر 2021/26 قلم 9 سي ، سي این ایس داخل ڪري ورتو آھي .

ميان صاحب لڳ پوليس ڪارروائي، جوابدار گرفتار، چرس هٿ

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان سلطان ڪوٽ پوليس ڪاروائي ڪري ھڪ  جوابدار علي دوست کي گرفتار ڪري ورتو سندس قبضي مان 3 ڪلو چرس هٿ ڪري گناھ نمبر 2021/26 قلم 9 سي ، سي این ایس داخل ڪري ورتو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.