پٿوري لڳ روڊ حادثي جو زخمي ڪراچي ۾ فوت

پٿورو (ن ع آ)پٿورو گذريل اڱاري تي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل پورھيت ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو تفصيل موجب گذريل اڱاري جي رات  ٽائون ڪاميٽي پٿورو ڀرسان واپاري جي پٽ جي ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ٻن پورھيتن امام بخش عرف جمبورو مڪراني ء اسماعيل رونجھو شديد زخمي ٿي پيا جن کي حيدرآباد بعد ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جنھن ھڪ ڄڻو ھوٽل مزدور امامبخش عرف جمبورو دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ ۽ گھڻو رت وھڻ سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو ٻئي طرف پنج ڏينھن گذرڻ باوجود بااثر ڪار مالڪن خلاف ڪوب ڪيس داخل ن ڪيو ياد رھي ت فوتي پورھيت گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ ھو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.