لاڙڪاڻي ۾ هاف فراءِ ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ميروخان تعلقي جي ڳوٺ ڦلڻ جي رهواسين پنج ڏينهن اڳ تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل نوجوان اسد جتوئي جي وارثن لاڙڪاڻو پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان اسد جتوئي جي امڙ ماروي پنهنجي ڌيءَ الهه وڌائي، ڄاٽي حاڪم علي عمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجو نوجوان پٽ اسد علي ڪراچي جي سبزي منڊي واري علائقي ۾ تگاري جو مزدوري ڪندو آهي. هن الزام لڳايو ته پهرين سيپٽمبر تي ايس ايڇ او رتوديرو احسان بليدي پٽ کي جاچ جي بهاني ڪراچي مان گرفتار ڪري 7 ڏينهن پنهنجي ٿاڻي اندر لاڪپ ڪري ڇڏيو جتي هن اسان کي چيو ته مان اسد کي ڪراچي مان پوليس گاڏي ۾ تيل ڀرائي ۽ ٻيو خرچ ڪري وٺي آيو آهيان ان خرچ جا پئسا مون کي ڏيو جنهن تي اسان کيس 30 هزار روپيا به ڏنا بعد ۾ هن اسان کي چيو ته مون کي ايس ايس عمران قريشي جي لاءِهڪ لک 20 هزار روپيه گهرجن جيڪي پئسا نه ڏيڻ تان 8 سيپٽمبر جي رات ايس ايس پي عمران قريشي منهنجي پٽ کي رتوديرو ٿاڻي جي لاڪپ مان کڻي تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او خادم مگسي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن پٽ کي ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪري معذور ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته منهنجي پٽ مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل ناهي پوليس بيگناهه کيس ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪري سندس مٿان مختلف ٿاڻن جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ظلم ڪري رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڪوڙي مقابلي جي شفاف جاچ ڪري ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ۽ ايس ايڇ او رتوديرو خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.