سنڌ ۾ قومپرست ڪارڪنن تي دهشتگردي ڪيس ڪيا پيا وڃن:نياز ڪالاڻي

سامارو ( ن ع آ ) جسقم اڳواڻ  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سامارو پھچي سردار غلام مصطفي خاصخيلي جي تعزيت ڪئي ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سردار غلام مصطفي خاصخيلي پنهنجي وکريل برادري کي گڏ ڪيو نياز ڪالاڻي   چيو ته سنڌ  سياسي ڪارڪنن  خلاف وٺپڪڙ ڪري پوري سنڌ دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڄن اصل ۾ حڪومت سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ڪالونيون اڏي پاڻ دھشتگردي ڪري رھئي آهي جيڪو اسين ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين سنڌ ۾ چاليھ لک کان مٿي غير قانوني ڌاريا رھن ٿا جن کي ڪڊڻ لا۽ حڪومت اڄ تائين ڪوبه سنجيده قدم نه آهي کنيو اسان سپريم ڪورٽ کان گھر ٿا ڪريون ته انھن ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو وڄي ھن چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري زمين تان جھوپڙيو ته ھٽايون وڄن ٿيون پر سپريم ڪورٽ جي حڪم بہ وجود ڪنھن ھڪ به ڌارئي جو شناختي ڪارڊ رڌ ڪري ٻاھر نٿو ڪڊيو وڄي ان موقعي تي رواڌاري تعريڪ جو اڳواڻ پنل ساريو،فقير يوسف منگريو ،ايڊوڪيٽ سرائي رحيم خاصخيلي،۽ ٻيا به ساڻس گڏ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.