عورت جا قاتل گرفتار ڪريو، لاڙڪاڻي ۾ ٽائرن کي باهه، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باڊهه ڀرسان ڳوٺ دڙا ۾ 6 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل بيواهه عورت افروز خاتون جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ مقتولا جي وارثن ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن سبب  ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي جتي هنن ٽائرن کي باهيون ڏئي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مقتول عورت جي ڀاءُ امتياز علي جوڻيجو پنهنجي سئوٽ عبدالحميد، ماروٽ سرتاج علي، شاهنواز وڏيرو، ڀاڻيجي احسان علي جوڻيجو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته 15 ڏينهن اڳ چور منهنجي گهر مان 50 هزار روپيه روڪ رقم ۽ ايراني تترن جي جوڙي چوري ڪري ويا هئا جنهن تي مون کوجي ڪتا گهرايا ۽ ان جا پيرا شمن عرف شهمير جوڻيجو جي گهر ۾ لڳا بعد ۾ امڪاني ڇڪتاڻ سبب اسان جي مائٽ جاويد جوڻيجو وچ ۾ پئي پاڪ ڪتاب تي ذميواري کڻي ايلاز منٿون ڪيون ته آءُ مسئلي کي حل ڪندس جيڪو مسئلو حل نه ٿيو ان بعد اسان کي شمن عرف شهمير جوڻيجو ۽ ٻيا مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهيا ۽ نيٺ  6 ڏينهن اڳ ماسترياڻي فوزيه پنهنجي ڀائرن صدام، ذاڪر، مامن بشير، نظير، شمن عرف شهمير سان گڏجي اسان جي گهر ۾ گهڙي ڀيڻ افروز خاتون کي رپيٽر جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اهڙو ڪيس مون حد جي باڊهه ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر 6 ڏينهن گذرڻ جي باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هن الزام لڳايو ته ايس ايڇ او باڊهه شاهد صادق ميمڻ جوابدار ڌر جي وانگار وهندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ انهن کان رشوت وٺي رهيو آهي، ايس ايس پي انصاف فراهم ڪري، خاطري بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.