سنڌ کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي:نواز زنئور

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زئور چيو آهي ته سنڌ کي هٿ وٺي تباهي ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. جنهن جي ذميواري ۾ وفاقي توڙي سنڌ حڪومت برابر جون شريڪ آهن. تيرنهن سالن کان سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو ڪم نه ٿيو آهي، جنهن سان سنڌي عوام جي زندگين ۾ ڪا بهتري پيدا ٿئي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرائڻ، درياهه تي قبضي، پاڻي جي چوري ۽ ڊيلٽائي ماڳن کي ويراني ڏانهن ڌڪڻ سميت سنڌ جي تباهي جي ذميدار آهي. جاگيردار حڪومتون سنڌ جي قومي مفادن جو بچاءَ ۽ عوام جي حقيقي نمائندگي نه ٿيون ڪري سگهن. سنڌين کي پنهنجي اجتماعي مستقبل کي سامهون رکي سياسي فيصلا ڪرڻا پوندا. ھوڏانهن جيئي سنڌ قومي پارٽي ۽ ڳوٺاڻن پاران  چورواهه کان کورواهه تائين کورواھ بٺورو روڊ نه ٺھڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرو کورواهه بٺورو روڊ جي چورواهه اسٽاپ تي ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي قومي پارٽي جي قادربخش زئور، بشير ميراڻي ۽ ڳوٺاڻن لکاڏنو چانڊيو، حاجي حسين چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. امظاھرو ڪندڙن پاران روڊ ٺھرائڻ لاءِ سخت نعربازي ڪئي وئي. انھي موقعي تي قادربخش زئور ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته 30 سالن کان وٺي هيءَ روڊ تباھ آھي. افسوس جھڙي ڳالھ آھي جو وقت جي حڪمرانن کي عوام جون مشڪلاتون ڏسڻ ۾ نٿيون اچن. برساتن يا ايمرجنسي ۽ بيماري جي حالت ۾ ھي ٽٽل روڊ ماڻھن کي وڌيڪ پريشان ڪري ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.