ساماري لڳ حملي جي زخمين کي ڌمڪيون، متاثرن جو مظاهرو

سامارو ( رپورٽ:ڪيول سورماڻي)ساماري لڳ گهرن تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪريو , وري حملي جو خطرو آھي ,جوابدار ڌمڪيون پيا ڏين , متاثر ڌر جو احتجاجي  مظاهرو , ساماري لڳ  صوفي فقير ٿاڻي جي حد  واري ڳوٺ شيوارام مالهي ۾ ناٺي پاران پنهنجي ساٿين ۽ عزيزن سان گڏجي سهري جي گهر تي هلان ڪري هوائي فائرنگ ڪرڻ بعد لٺون ۽ ڪهاڙيون هڻي سس جهڻي ڪولهي , سالي راجو ٻائي , سينڍو جيٺو ڪولهي ,سالو پرتاب ڪولهي کي زخمي ڪرڻ جي  ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ متاثر ڌر جو احتجاجي مظاهرو ڪيو , ان موقعي تي لالو ڪولهي ,جيٺو ڪولهي ,شريمتي جهڻي ۽ ٻين چيو ته جوابدارن ڌاڙيلن جئيان گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪري لٺون ڪهاڙيون هڻي اسان کي زخمي ڪيو , بااثر ڌريون جوابدارن  جو ساٿ ڏئي رهيا آھن , صوفي فقير پوليس ڪيس ۾ گهربل  تي جوبدار ناٺي رميش ڪولهي , سندس پي تماچي ڪولهي , ڀا۽ نگو ڪولهي , سرام ڪولهي , پارو ڪولهي ,گينو ڪولهي سميت 8 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو   2 جوابدار گرفتار ٿيا آھن , گرفتاري کان بچيل جوابدارن بااثر ذريعي وري گهر تي حملو ڪرڻ ۽ راجوڻي ڪرڻ  جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ,جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.