لکي غلام شاهه ۾ زمين تي قبضو، زميندار يرغمال، ڌمڪيون، احتجاج

لکي غلام شاهه ( ت ر ) چڪ شھر واسي زميندار سيف الله مهر پاران ڪجھه ڏينهن اڳ اڳوڻي آءِ جي جيلز نثار احمد مهر اڳوڻي يوسي سيهواڻي جي چيئرمين نجيب الله مهر ٽرانسپورٽر وڪيل مشتاق مهر نواب مهر عبدالغفار مهر ۽ ٻين خلاف سيشن ڪورٽ شڪارپور جي عدالت مان سڌي طرح ڪيس داخل ڪرائڻ  واري مامري تي ڌرين ۾ شدت اچڻ بعد ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي، اڳوڻي يوسي چيئرمين نجيب الله مهر جي ذاتي محافظن پاران زميندار سيف الله مهر ۽ سندس ڀاءُ پرائمري استاد اسدالله مهر کي ڳوٺ مسافر ۾ مبينا طور زردڪوپ ڪري ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون .جڏھن ته زميندار سيف الله مهر ۽ سندس ڀاءُ استاد اسدالله مهر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻو آءِ جي جيلز نثار مهر اڳوڻي يوسي چيئرمين ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ تي هو مڇرجي ويا آھن اسان جي ڪچي توڙي پڪي واري علائقن ۾ 200 جريب زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هارين ۽ مقاطيدار کي ڌمڪيون ڏيئي ڀڃايو ويو ته اسان ٻئي ڀائر پنهنجي هارين سان ملڻ وياسين ته اسان کي يرغمال بڻاڻي ٻيهر ڳوٺ ۽ پنهنجي ذاتي زمينن ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو .چڪ ۽ بچل ڀيو پوليس کي شڪايت ڪرڻ تي پوليس به بااثرن جي ڪري اسان سان اوڍنگو رويو اختيار ڪندي قدم کڻڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آھي، اعليٰ اختياريون علائقي جي بااثرن اڳوڻي آءِ جي جيلز نثار مهر، نجيب الله مهر، ممتاز مهر ،مشير مهر، مشتاق مهر ۽ ٻين خلاف قدم کڻي سندس اتي ملڪيت کي قبضو ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ اسان جي خاندان ۽ ھارين کي تحفظ ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.