رتوديرو لڳ چوري مامري تان جهيڙو، ٻنهي ڌرين جا 11 ڄڻا زخمي

رتوديرو ( ن ع آ ) بنگلديرو ۾ چوري معاملي تان ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو لٺيون سروٽا لڳڻ سبب 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا  ،جنھن ۾ ھڪ ڌر جا عبدالرسول ڀٽو . شوڪت ڀٽو . آصف ڀٽو . رابيل ڀٽو .برڪت ڀٽو شامل آھن . جڏھن ته ٻئي ڌر جا رسول بخش ڀٽو . فرمان ڀٽو . عبدالوسيع ڀٽو . وزير علي ڀٽو . سجاد ڀٽو شامل آھن . ٻنھي ڌرين جا زخمي جڏھن تعلقه اسپتال رتوديرو آندا ويا ته ڌرين ۾ وري منھن ماري ٿي پئي پوليس وچ ۾ اچي جھيڙي کي ٽاري ڇڏيو آھي .  جڏھن ته ھڪ ڌر جي  زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 راڄو خاڻاڻي ۾ پيٽرول پئمپ جي مينجر پاران 3 لک ڦر جو ڊرامو،  گرفتار

راڄوخاناڻي (ن ع آ) راڄوخاناڻي شهر جي مشھور ٽالپر پيٽرول پمپ جي مينيجر شنڪر ميگهواڙ پيٽرول پمپ جي ڪيش ٽي 3 لک رپيا جمع ڪرائڻ تلھار شھر۾ بئنڪ ڏانهن وڃي رهيو هو ته تلھار پوليس اسٽيشن جي حد ان کان رقم ڦر ٿيڻ جو ڊرامون ڪري تلھار پوليس اسٽيشن تي پھچي اھڙو بيان ڏنو ته ان کان ڦورو رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن انھي سڄي صورتحال کان پوءِ تلھار پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او ڌڻي بخش مري انھي ڪيس جي تحقيقات سان جانچ شروع ڪري انھي جانچ ۾ مينيجر شنڪر ميگهواڙ کي تحويل۾وٺي جانچ پڙتال ڪئي ته انھي سموري معاملي۾ خود مينيجر ملوث نڪتو ھن پوليس جانچ ٽيم اڳيان قبول ڪيو ته ھن کان ڪا ڦر وغيره ناھي ٿئي ھن ٿاڻي تي ڪوڙي رپورٽ داخل ڪرائي هئي ھن پئسا ڦٻائڻ جي لاءِ اھو سڄو ڊرامون ڪيو ھو تلھار پوليس انھي کان مڪمل رقم ٽي 3 لک رپيا وصول ڪري پيٽرول پمپ مالڪ لعل خاصخيلي کي واپس ڪري ڇڏيا آھن ھمراھ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

احمدپور لڳ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا زخمي

احمدپور (ن ع آ) احمدپور ويجهو ڳوٺ وسطڙا ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان وسطڙا برادريء جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺيون لڳڻ سبب پيرسن عورت شريفان خاتون، بابران خاتون ۽ نوجوان ارشاد علي سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي احمدپور ٿاڻي تي آندو ويو جتي خير محمد وسطڙو ۽ گل حسن وسطڙو خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي جنهن بعد زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ان موقعي تي غلام اصغر وسطڙو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدارن سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جن گهر تي حملو ڪري لٺيون هڻي ٻن عورتن ۽ نوجوان کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا

 نئين ڳوٺ مان جوابدار موٽر سائيڪل ڪاهي ويا،  جوابدار سوگها

نئون ڳوٺ (ن ع آ) نئون ڳوٺ شھر مان ڏينھن ڏٺي جو نامعلوم چاٻي چور منٺار ڪلھوڙو جي  موٽر سائيڪل جيڪا سپنا ھوٽل تي بيٺل ھئي ڪاھي ويا بروقت گاڏي جي وارثن چورن جو پيڇو ڪري باء پاس روڊ تي گاڏي سان گڏ ھڪ چور زبير پٽ لياقت علي ڪلھوڙو جنھن جي ٿرڙي محبت جي رھواسي طور سڃاڻپ ٿي جنهن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو رابطي تي اي ايس آء محمد خان سولنگي ٻڌايو ته پڪڙيل چور زبير پنهنجي ساٿين مستري جنسار سولنگي ۽ ديدار سولنگي جا نالا ڏنا آھن جن کي گرفتار ڪري لاڪب ڪيو آھي وڌيڪ جانچ ڪيون ٿا ھوڏانھن متاثر ڳوٺاڻي منٺار ڪلھوڙو ٻڌايو ته مھينو اڳ به ساڳي جاء تان منهنجي موٽر سائيڪل چاٻي چور ڪاھي ويا جنھن جي ٿاڻي تي اين سي داخل آھي.  ھي ٻيو دفعو موٽر سائيڪل چوري ڪيون پيا وڃن مان ٻاھر گاڏي غائب ڏسي فونون ڪري دوستن کي مختلف روڊن تي بيھاريو ته چور شھر کان ٻاھر نڪري نه سگھيو ھن کي گاڏي سميت پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آھي ۽گذريل رات دير سان سعدي موساڻي واري پاڙي ۾ لقمان سولنگي جي گھر اندر چوري جي ارادي سان داخل چور سھيل عرف سوھو سولنگي کي گھر ڌڻين پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.