پير ڳوٺ پوليس جي ڪارروائي، وڏي انگ ۾ منشيات هٿ

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ پوليس شهر جي شاهپور اسٽينڊ وٽ ڪارروائي ڪري وڏي انگ ۾  شراب، ٽي مڻ ڀنگ، ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو آهي. ان ڏس پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات فروش شڪيل ٻپڙ جي گهر تي ڇاپو هڻي منشيات هٿ ڪئي آهي. جڏهن ته منشيات فروش فرار ٿي ويا آهن جن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

سنڌڙي لڳ پوليس مقابلو،  گهربل ڏوهاري  گرفتار

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) سنڌڙي پوليس پاران مقابلي بعد موٽرسائيڪلون ڦر ڪرڻ  سميت مختلف ڪيسن ۾ گھربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ. فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري. تفصيل موجب تعلقي سنڌڙي جي ڳوٺ بشام بروهي لنڪ روڊ تي سنڌڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالمجيد گرگريج ڳجھو اطلاع ملڻ تي ناڪا بندي ڪري مشڪوڪ موٽرسائيڪلن تي سوار جوابدارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن  پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۽ مقابلي بعد موٽرسائيڪلون ڦر ڪرڻ سميت مختلف ڏوهن ۾ گھربل جوابدار محمد حنيف کي گرفتار ڪري جوابدار وٽان پسٽل ، گوليون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي جڏهن ته 2 جوابدار عبدالوهاب مري ۽ سڪندر مري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هندن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.