بهارو ويجهو پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم

بھارو (ن ع آ) بهارو ڀرسان   گورنمينٽ پرائمري اسڪول  ڳوٺ خان محمد تارڙ بنيادي سهولتن کان وانجهيل. معصوم ٻارڙا بلڊنگ نه هجڻ سبب کليل آسمان هيٺ پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور. خبر موجب بهارو ڀرسان  گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ خان محمد تارڙ جا معصوم ٻارڙا اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ ڪري گرمي توڙي سردي جي موسم ۾ کليل آسمان هيٺ فرنيچر نه هجڻ ڪري پٽ تد ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن جڏهن ته باٿ روم نه ھجڻ ڪري حاجت پوري ڪرڻ لاءِ ڇوڪرا توڙي نياڻيون فصل جو رخ ڪن ٿا. 70 جي لڳ ڀڳ شاگرد ھجڻ باوجود ھڪ استاد، پڙھائي رھيو آھي رھواسين جي وزير تعليم ۽وس وارن کي اپيل آهي ته ھڪ وڌيڪ استاد ۽ٻيون گهربل سھولتون مھيا ڪري ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.