رتوديرو ديرو لڳ چور سوگهو، پوليس حوالي، ڌرڻو

رتوديرو  ( ن ع آ ) رتوديري لڳ وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ ولي محمد بروهي جي رهواسي ڳوٺاڻي عبدالمنان بروهي جي گهر  مان رات دير سان  مينهن چوري ڪندي  هڪ چور ڪاشف ڀٽي کي ڳوٺاڻن سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪرڻ بعد  ڳوٺاڻن  محمد انور ،  نذير  ، اڪبر ، محمد عمر ، عرفان علي ۽ شاهمراد بروهي جي اڳواڻي ۾ وارثڏنو ٿاڻي اڳيان  روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ، اسان جي ڳوٺ ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي جنهن جي ڪري رات جاڳي گذاريون ٿا ، اڄ رات به چور اسان جي ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻن چورن جو پيڇو ڪيو ۽ هڪ چور کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻيا چور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ، هنن چيو گرفتار ٿيل چور کان جاچ ڪري باقي فرار چورن خلاف به ڪاروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن اسين سک جو ساهه کڻي سگهون ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.