ٺٽي جي ونڊ پاور ڪمپني جي ملازمن جي پگهارن ۾ڪٽوتي، احتجاج

ٺٽو(ڊر) ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ٽپال ون ونڊ پاور ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ مقامي پورھيتن جي پگھارن مان ڪٽوتي ڪرڻ توڙي سندن پگھارون وڌائڻ لاءِ متاثر پورھيتن بلاول سرڪي حبيب، نواز، بادل  سرڪي ۽ ٻين مڪلي تي احتجاج ڪندي چيو تہ ھڪ طرف سندن پگھارون گھٽ ھجڻ باوجود انھن مان ھر مھيني 2 ھزار روپيہ ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي تہ ٻئي طرف ھن مھنگائي واري دور ۾ سندن پگھارن ۾ اضافو نہ ڪرڻ ڪري سندن گھرن جي چلھ بہ نٿي ٻري ۽ نہ ئي کين ڪي بنيادي سھوليتون ميسر ٿي سگھيون آھن. ھنن الزام ھڻندي چيو تہ ھو پنھنجي حقن لاء آواز اٿارين ٿا تہ کين نوڪرين مان فارغ ڪرڻ يا ھٿ ٺوڪيا مٿن ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي کين خوفزدہ ڪري خاموس بڻايو پيو وڃي، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي. جنھن جو ڪير بہ ازالو ڪرڻ وارو ناھي. ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ٿيل مختلف ونڊ پراجيڪٽ ڪمپنيون مقامي ماڻھن کي روزگار ۾ نظرانداز ڪري ٻين ماڻھن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جيڪا مقامي ماڻھن سان ساڻن وڏي ناانصافي آھي.. جنھن تي ضلعي انتظاميہ سميت چونڊيل نمائندہ بہ خاموش بڻيل آھن. ھنن گھر ڪئي تہ سندن پگھارن مان غير قانوني ڪٽوتي بند ڪري سندن پگھارن ۾ اضافو ڪري کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن. ٻئي صورت ۾ مسئلن جي حل تائين سندن احتجاج جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.