محرابپور مان نينگري اغوا، 5 لک ڀنگ طلب، احتجاج

محرابپور(ن ع آ) محرابپورجي بلاول ڪالوني جي رھواسڻ شبنم خاصخيلي ڇٽا خاصخيلي محرابپور پوليس جي گيٽ اڏو ڌرڻوھڻي احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته منھنجي ستن سالن جي نينگري ايت فاطمه  کي منھنجو اڳوڻو مڙس حامد چانڊيو ۽ سندس ساٿي گھران مبينه اغوا ڪري ويا اھن نينگري ماء  شبنم خاصخيلي ميڊيا اڏو دانھيندي چيو ته منھنجو اڳوڻو مڙس پنج لک روپين جي ڊمانڊ ڪري رھيو اھي مان گھرن ۾ پورھيو ڪري گذر سفر ڪيان ٿي مان پنج لک ڪٿان اڻي پنھنجي اڳوڻو مڙس جي ڊمانڊ پوري ڪيان واقعي کي 2 ڏينھن گذري ويا اھن ڪوبه داد فرياد نه ٿو ڪيو وڃي محرابپور پوليس اسٽيشن تي اين سي پڻ ڪٽرائي اھي اڃاتائين ڪوبه تدارڪ نه ٿيو اھي ٻئي پاسي ڊي ايس پي محرابپور حفيظ الرحمان بلوچ ٻڌايو ته اسان پوليس پارٽي کي شبنم خاصخيلي جي اڳوڻو مڙس کي حراست ۾ وٺڻ لاء ڪوششون وٺي رھيا اھيون جلد مائي شبنم خاصخيلي کي پنھنجي ڌي ايت فاطمه واپس ڪرائي ڏينداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.