شھدادڪوٽ ۾ ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق باندي بڻيل نوجوان بازياب

شھدادڪوٽ( ڊ ر) شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو,20 ڏينهن کان ناحق باندي بڻيل ھڪ نوجوان بازياب, ايس ايڇ او رياض عباسي رڪارڊ سميت اڄ عدالت ۾ طلب,ڪالھ سول جج سعيد احمد رند شھداد ڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي 20 ڏينهن کان ناحق باندي بڻيل نوجوان اڪبر بروھي کي پوليس جي ڪوارٽر مان بازياب ڪرائي ورتو, ناحق باندي بڻايل نوجوان واري معاملي تي سول جج سعيد احمد رند ايس ايڇ او اي رياض عباسي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس اڄ اڱاري ڏينهن رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي,ٻڌايو ٿو وڃي ته ناحق باندي بڻايل نوجوان اڪبر بروھي جي ڀاء ھڪ وڪيل جي معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ھئي ته سندس ڀاء اڪبر بروھي کي اي سيڪشن پوليس ناحق گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي, اھڙي درخواست بعد سول جج سعيد احمد رند اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو ھنيو جتي باندي بڻيل نوجوان کي آزاد ڪيو,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.