حيدرآباد مان اغوا ٿيل نوجوان نه مليو، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڏوڪري جي رهواسي سعد الله ڪلهوڙو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ علي دوست ڪلهوڙو، بشير احمد ڪلهوڙو، غلام مصطفيٰ  ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 10 محرم الحرام جي ڏينهن جوابدار سندن 18 ورهين جي نوجوان سعيد احمد عباسي ڪلهوڙو کي نياز جي ماني کائڻ بهاني گهران وٺي ويا هئا، جنهن جو هينئر تائين ڪو به ڏس پتو ناهي مليو. هن چيو ته ڏوڪري سميت سمورن ٿاڻن تي نوجوان جي ڳولا ڪئي آهي، پر هو ڪٿي به نه ٿو ملي، جڏهن ته ڏوڪري ٿاڻي جي پوليس ايف آءِ آر داخل نه ٿي ڪري. هنن چيو ته ڏوڪري ٿاڻي جي پوليس سياسي ونگار وهي رهي آهي، جنهن سبب ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. هنن چيو ته سعيد الله ڪلهوڙو جي اغوا ٿيڻ سان سندس گهر ۾ ڪهرام مچل آهي سندس امڙ ۽ ڀينرون سڄو سڄو ڏينهن روئينديون رهن ٿيون. هن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 3 ڏينهن اندر سعيد احمد ڪلهوڙو کي آزاد نه ڪيو ويو ته عباسي ڪلهوڙا سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج هوندا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.