خانپور ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي کي ڪارنهن الزام ۾ قتل جون ڌمڪيون، احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر ) خانپور جي ڳوٺ  ٻڌو ٻرڙو جي نوجوان علي  حسن ٻرڙو ۽ ناري فريدهه گهنيا ڌي مرحوم گلزار احمد گهنيو پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد ڪراچي ۾ دربدر، ڪارنهن الزام هيٺ قتل جون ڌمڪيون،  جوڙو پريس ڪلب ڪراچي پهتو، ان موقعي تي احتجاج ڪندي ناري فريده ٻڌايو ته مڙس وزير علي گهنيو تشدد ڪري طلاق ڏئي ٻار کسي ورتا، هڪ سال کان ڀيڻ وٽ رهندي هيس، اتي به هن حملا ڪيا، ان بعد پاڙي جي نوجوان علي حسن ٻرڙو سان نڪاح ڪرڻ تي مائٽ شمس الدين ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ ۽ تيزاب منهن تي هارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ، شهزادو،  ڀاءُ الله ڏنو، غلام رسول، نثار احمد گهنيو مان به خطرو آهي، خوف کان ڪراچي ۾ ڀڃي جان بچائي آهي، ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، چيف جسٽس، انساني حقن جون تنظيمون، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.