ٽنڊي الهيار ۾ واپاري کان 7 لک ڦر، باءِ پاس تي ڌرڻو

ٽنڊوالهيار )ڊ ر) ٽنڊوالهيار ۾ واپاري کان 7 لک ڦر واپاري تنظيم پاران ڪيريا شاخ باء پاس روڊ تي ڌرڻو روڊ بلاڪ گاڏين جو قطارون لڳي ويون ڊي ايس پي جي خاطري بعد احتجاج ختم خبر موجب ٽنڊوالهيار ۾ گلشن  مهراڻ جي رهواسي ڪيلي جي واپاري حميد پٺاڻ کان ڪيريا شاخ باء پاس پل وٽ نامعلوم هٿياربندن پاران هٿيارن جي زور تي 7 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا جنهن بعد واپاري تنظيم پاران ڪيريا شاخ باء پاس پل تي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي واپاري تنظيم جي اڳواڻن حميد پٺاڻ ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ٽنڊوالهيار ۾ روز جي بنياد تي چوريون ۽ ڦرون معمول بڻجي ويون آهي ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن چيو ته حميد پٺاڻ راشدآباد ۾ قائم نجي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي وڃي رهيو هو ته باء پاس پل تي هٿياربند ڦر ڪري فرار ٿي ويا جن مذاحمت تي فائرنگ پڻ ڪئي هنن چيو ته اسان ڪيلي جو لکين روپين جو ڪاروبار ڪريون ٿا پوليس پڪيٽ قائم ڪري ڏني وڃي جيئن واپاري سک جو ساه کڻي سگهن جڏهن ته ڊي ايس پي سٽي سيد عرفان شاه ڌرڻي ۾ پهچي مظاهرين کي يقين ڌياني ڪرائي ته هڪ هفتي اندر جوابدار گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپسي ڪرائي ويندي ۽ ڪيلي جي واپارين لاء پوليس پڪيٽ پڻ قائم ڪري ڏني ويندي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.