ٽنِڊو ڄام ميونسپل ملازمن کي پگهار نه ملي، احتجاج

ٽنڊوڄام   ( ن ع آ ) ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام جا ملازم 13تاريخ ٿي وڃڻ باوجود پگهارن کان محروم بڻيل آھن، ان حوالي سان مليل ڄاڻ  موجب او پي ايس تي ٽنڊوڄام ميونسپل ڪميٽي جي ايڪٽنگ چارج سنڀاليندڙ سي ايم او ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام مشتاق احمد سومرو طرفان ملازمن جي ڇنڊڇاڻ واري عمل جو جواز ڄاڻائي ملازمن جي پگهار کي فلحال جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جڏھن ته ميونسپل ملازمن پاران صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته عيد العضحٰي جي موقعي تي 17 جولاءِ  واري ڏينهن اسان کي ايڊوانس پگهار ڏني وئي هئي جنهن بعد ٻه مهينا گذري چڪا آھن پر 13 تاريخ ٿي وڃڻ جي باوجود اڃان به پگهار جاري نٿي ڪئي وڃي انهن چيو ته ملازمن جي پگهار لاءِ  ايندڙ (ضلعي آڪٽراءِ  ٽيڪس) مان ڪورٽ جي حڪم مطابق پهرين انهن کي ملزمن جي پگهار ڪري پوءِ  ٻيا خرچ ڪرڻا آهن پر ان جي ابتڙ ايندڙ فنڊ مان پهرين باقي خرچ ڪڍي پوءِ  بچت پئسن مان ملازمن جي پگهار جاري ڪئي وڃي ٿي.  انهن چيو ته ميونسپل ملازمن کي سال 2020 جي بجيٽ ۾ وڌايل 10فيصد واڌو پگهار به اڃان جاري ٿي نه سگهي آهي، اسان جي پگهار جاري ڪري ملازمن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ۽ فاقاڪشي کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سي ايم او ٽنڊوڄام جي آفيس جو گهيراءُ  ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.