لاڙڪاڻي ۾ 20 رپين جا چپس نه ڏيڻ تان پورهيت نوجوان تي تشدد، گرم تيل هاريو ويو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ايمپائر روڊ نوحاڻي اسٽريٽ ۾ گذريل سومر جي رات دير سان معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران بااثر چپس وڪرو ڪندڙ ساڳي ئي پاڙي جي رهواسي  نوجوان پورهيت فهيم قريشي کي تشدد جو نشانو بڻائي کيس هيٺ ڪيرائڻ بعد سندس مٿان گرم تيل هاري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو، گرم تيل هارجڻ سبب نوجوان جي مٿي وارو سڄو حصو سڙي زخمي ٿي پيو، اطلاع تي زخمي پورهيت جي وارثن پهچي بااثر کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو بعد ۾ زخمي پورهيت کي اسپتال داخل ڪرايو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس کاٻي اک ۽ ساڄو هٿ ضايع ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريندي کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. ان حوالي سان سڙي زخمي ٿيل پورهيت جي  ڀاءُ فيصل قريشي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ فهيم ڪيتري ئي عرصي کان پاڙي ۾ چپس وڪرو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندو آهي، گذريل رات دير سان ڀنگي پاڙي جي رهواسي ريشم گلي ۾ ليس پٽي جو دڪان هلائيندڙ ڪامران شيخ ڀاءُ جي دڪان تان 20 روپين جو چپس خريد ڪرڻ لاءِ آيو جتي منهنجي ڀاءُ کيس چيو ته چپس ختم ٿي ويا آهن ۽ پٽاٽا به ناهن جو اوهان کي چپس ٺاهي ڏيان جنهن تي ڪامران شيخ ڏمرجي ڀاءُ کي ڳچيءَ مان وٺي هيٺ زمين تي ڪيرائي کيس تشدد جو نشانو بڻائي بعد ۾ چپس جو گرم تيل سندس مٿان هاري ڇڏيو نتيجي ۾ ڀاءُ جو مٿو، گردن، هڪ اک، چهري جو هڪ پاسو، ٻئي هٿ سڙي زخمي ٿيا، ڀاءُ جي رڙين تي اسان پهچي بااثر کي سوگهو ڪري پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي کيس گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ بعد ڊاڪٽرن ڀاءُ جي هڪ اک ۽ ساڄو هٿ ضايع ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريندي کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي،هوڏانهن اهڙي واقعي جو ڪيس سڙي زخمي ٿيل پورهيت نوجوان جي ڀاءُ فيصل قريشي جي فرياد تي حد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي جوابدار ڪامران شيخ مٿان داخل ڪرايو ويو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي اهڙي معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس پي هيڊڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.