پاڪستان عورت سياحن لاءِ مناسب ملڪ هئڻ واري لسٽ ۾ شامل نه!

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگار انجم راشد  چيو آهي ته وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل کاٻي ڌر جي ماڻهن لاءِ چيو آهي ته اهي بدديانتي ڪري گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڦهلائي رهيا آهن، ان لاءِ هن فوربز ميگزين جو حوالو ڏنو آهي،جنهن ۾ بقول هن جي  پاڪستان جو نالو انهن 20 ملڪن ۾ شامل ناهي جيڪي عورتن لاءِ خطرناڪ آهن، مون آرٽيڪل پڙهيو آهي، شهباز گل ته سڀ کان وڌيڪ بدديانتي ڪئي آهي، 50 ملڪن ۾ به پاڪستان شامل ناهي جتي عورت سياح گهمڻ وينديون آهن، انهن پاڪستان کي ڪنهن کاتي ۾ ئي نه وڌو آهي، هن چيو ته هاڻي توهان سمجهيو ته ڪير بدديانتي ڪري رهيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.