اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سياسي فٽبال نه بڻايو: صدر مملڪت

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ جي صدر عارف علوي چيو آهي ته دنيا عمران خان جي سياسي حڪمت عملي تي ان جي شاگردي ۽ مريدي اختيار ڪري.پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي چوٿين خطاب ۾ مملڪتي صدر عارف  علوي چيو ته دعا آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري قدر ۽ هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ جون روايتون وڌن، گذريل ٽن سالن کان پاڪستان ۾ هاڪاري تبديليون آيون آهن.هن چيو ته ڪورونا جي هاڪاري اثرن سبب دنيا جي معيشت گهٽجي وئي پر پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي بهتر ٿي، پاڪستان ۾ معيشت ڪورونا وبا باوجود بهتر رهي.اپوزيشن جي لڙ تي مملڪتي صدر جواب ڏيندي چيو آهي ته توهان ڀلي ڪيترو به لڙ بکيڙو ڪيو پر توهان کي حقيقت مڃڻي پوندي، ملڪ صنعتي انقلاب مان گذري رهيو آهي جنهن کي لڙ بکيڙي سان نٿو روڪي سگهجي.هن وڌيڪ چيو ته سيڙپڪارن جو حڪومتي پاليسين تي يقين 60 سيڪڙو وڌيو آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج بهتر ڪارڪردگي جي حوالي سان ماضي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا زرعي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي، هن چيو ته چونڊن ۾ شفافيت هجڻ گهرجي تنهنڪري چونڊ سڌارن کي سياسي فٽبال نه بڻايو وڃي، سڌارا اهڙا نه جيئن هتي لُڙ بکيڙو ڪيو پيو وڃي، اميد ڪيان ٿو ته سياسي پارٽيون آئي ووٽنگ جي لاءِ ڀرپور حمايت ڪندا، هن چيو ته ڀارت سميت ڪجهه عنصر سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.