افغانستان ۾ تبديلي سان پاڪ – سعودي لاڳاپا بحال

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ دنيا  ۾ پاڪستان  جي اهميت انتهائي وڌي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي ملڪ افغانستان ۾ سيڙپ ڪرڻ يا پنهنجي موجودگي چاهين ٿا اهي پاڪستان کان ئي مدد گهرن ٿا، ڇاڪاڻ  ته دنيا کي خبر  آهي ته پاڪستان جا افغان  طالبان سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، نتيجي طور جيڪي مسلمان ملڪ  پاڪستان کان  ڪجهه ناراض به هئا ته انهن به  ناراضگي کي وساري پاڪستان  سان رابطا ڪيا آهن، ناليواري صحافي رئوف ڪلاسرا   موجب  جڏهن عمران خان  حڪومت ۾ آيو هو تڏهن سعودي عرب سان تمام سٺا لاڳاپا هئا پر وچ  ۾ ڪجهه وڇو ٽيون پيدا ٿي ويون هيون پر افغانستان ۾ طالبان  حڪومت اچڻ کانپوءِ سعودي عرب جي  محمد بن سلمان  پاڪستان جي وزيراعظم  عمران خان سان فون تي رابطو ڪيو، اهڙي طرح  قطر ۽ دبئي جي حڪمرانن به عمران خان سان فون  تي ڳالهيون ڪيون آهن، يقيني طور سڀني  پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان به رابطا ڪري ڳالهيون ڪيون هونديون وزيراعظم کي به خير سگالي  طور فون ڪئي هوندي،  ڇاڪاڻ ته ترڪي ۽ ايران  ته اڳ ئي افغانستان ۾ موجود آهن، قطر ته طالبان جي وڏو عرصو ميزباني ڪئي آهي ان ڪري طالبان  سان قطر  جا ويجها لاڳاپا آهن، رهيو سوال ته سعودي عرب ۽ دبئي وارن جو طالبان سان سڌو رابطو نه هيو ان ڪري انهن کي افغانستان ۾ سيڙپ ڪرڻ يا موجودگي لاءِ پاڪستان جي  مدد جي ضرورت هئي.  ڇو ته روس ۽ چين به افغانستان ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح موجود آهن. ان ڪري سعودي عرب ۽ دبئي جي حڪمرانن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن ڪو نئون بلاڪ ٺهيو ته هو اڪيلا رهجي ويندا، ان ڪري به ٻنهي ملڪن پاڪستان ذريعي افغانستان  ۾ پنهنجي موجودگي لاءِ  رابطو  ڪري مدد گهري آهي. ان نئين صورتحال ۾  بحرحال پاڪستان ۽ افغانستان کي فائدو ئي ٿيندو. ڇو ته ٽئي ملڪ مالدار آهن، هو طالبان جي مالي امداد به ڪري سگهن ٿا ۽ وڏي سيڙپ ڪاري به ڪري سگهن ٿا، رهيو سوال ته پاڪستان جي جيتري اهميت  وڌي آهي اوتري ذميواري به وڌي وئي آهي، اهو وري به پاڪستان جي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي دارو مدار آهي ته حالتن مان ڪيترو فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ ذميواري ڪيئن نڀائين ٿا. باقي قطر، سعودي عرب ۽ دبئي ۾ رهندڙ  پاڪستانين لاءِ به اها خوشيءَ جي خبر آهي ته پاڪستان جا ٽنهي ملڪن سان دوستاڻا  لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.