ميرپورخاص جي ٻن معصوم کٿابين سان مدرسي ۾ مبينا بدفعلي، مولوي گرفتار

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي لالچند آباد جي مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ 12 ورهين جي معصوم نينگرن صفيان پٽ عارف ۽ 13 ورهين جي مزمل پٽ شهزاد سان مدرسي جي  مولوي نعمان پاران مبينا جنسي بدفعلي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي مبينا جنسي بدفعلي جو شڪار بڻيل ٻارن پاران کين مولوي پاران ٻارن سان جنسي بدفعلي ڪرڻ جي شڪايت وارثن حد جي غريب آباد ٿاڻي تي شڪايت درج ڪرائي جنهن بعد پوليس الزام هيٺ آيل مولوي کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي، ٻارڙن کي طبي چڪاس لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو جتان سندن جزا وٺي ڪيميڪل چڪاس لاءِ ليبارٽري موڪليا ويا آهن، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او امتياز جوڻيجو چيو ته ٻارن جو ڊي اين ۽ ميديڪل چڪاس لاءِ نمونا ورتا ويا آهن ڪيس داخل ڪري رهيا آهيون ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۽ رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون جوابدار جي گرفتاري جي حوالي سان هن چيو ته اڃا جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگھيو ڪيس داخل ڪري جلد کيس گرفتار ڪري وٺنداسين. وارثن ٻڌايو ته مولوي پاران ٻارن سان جنسي بدفعلي جي شڪايت ملڻ تي حد جي پوليس کي ڪارروائي لاءِ چيو آهي وڌيڪ ان حوالي سان نه ٿا ٻڌائي سگهون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.