لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ اهلڪار جو پورهيت مٿان تشدد، وڊيو وائرل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد جيلس بازار ۾ ٽريفڪ اهلڪار عاشق حسين شيخ پاران چنگچي لوڊر ڊرائيور کي تشدد  جو نشانو بڻايو ويو اهڙي ويڊيو وائرل ٿي وئي جنهن ۾ اهلڪار پورهيت ڊرائيور کي ڳچيءَ مان وٺي هيٺ ڪيرائي ڏنڊو هٿ ۾ کنيل اهلڪار ڊرائيور کي گٿا لفظ ڳالهيندو رهيو آهي. هوڏانهن اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته پورهيت کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ ٽريفڪ اهلڪار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي عمران قريشي نوٽيس ٽريفڪ اهلڪار عاشق حسين شيخ کي اردلي روم طلب ڪري ايس پي هيڊڪوارٽر کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.