سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ شروع، 283 جعلي اميدوار سوگها

سکر/لاڙڪاڻو/ نواب شاهه( نمائندن وٽان)  سنڌ ۾  استادن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ وارو عمل  شروع ٿي ويو.  سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ 283 جعلي اميدوار سوگها ڪيا ويا. سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ خالي پيل جي ايس ٽي جي 3 هزار 914 سيٽن ۽ PST جي 32 هزار 549 سيٽن لاءِ امتحاني ٽيسٽون وٺڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سکر جي ملٽري روڊ پبلڪ اسڪول ۾ قائم سينٽر ۾ مختلف شهرن کان اميدوارن پهچي ڪري لکت وارو امتحان ڏنو، پبلڪ اسڪول سينٽر ۾ لکت واري امتحان دوران 33 جعلي اميدوار جيڪي ٻين جي نالي تي ٽيسٽ ڏئي رهيا هئا جن کي سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. آءِ بي اي سکر انتظاميا پاران استادن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ جو مرحليوار سلسلو 26 سيپٽمبر تائين جاري رهندو.  پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ سينٽر ۾ لکت ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن لاڙڪاڻي شهر، تعلقي ۽ ڏوڪري تعلقي سان واسطو رکندڙ اميدوارن جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ڏني جتي ٽيسٽ کان اڳ اميدوارن جون سلپون چيڪ ڪرڻ بعد کين سينٽر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. سي سي ٽي وي ڪئميرائين جي ذريعي ٽيسٽ جي نگراني ڪئي وئي. ٻين پاران ٽيسٽ لاءِ پهتل 250 اميدوار سوگها ڪيا ويا.  ٽيسٽ دوران ٿڌي پاڻي سميت ٻين سهولتن جي کوٽ سبب اميدوار سخت گرميءَ ۾ تڙپندا رهيا. اڄ اڱاري ڏينهن باقراڻي، رتوديرو ۽ ٺل تعلقي جي اميدوارن، 15 سيپٽمبر تي  جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو، ڪشمور، تنگواڻي ۽ ڪنڌڪوٽ تعلقي جي اميدوارن، 16 سيپٽمبر تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي تعلقي ميروخان، نصيرآباد، وارهه، قبو سعيد خان، سجاول جُينجو، قمبر ۽ شهدادڪوٽ جي اميدوارن ۽ 17 سيپٽمبر جي ڏينهن شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙهي ياسين، خانپور، شڪارپور ۽ لکي تعلقن سان واسطو رکندڙ اميدوارن کان لکت ٽيسٽ ورتي ويندي.استادن جي ڀرتي ٽيسٽ بينظير پبلڪ اسڪول نواب شاھ ۾ سخت سيڪيورٽي ھيٺ آئي بي اي پروفيسر منظور ميراڻي جي نگراني ۾ ورتي وئي .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.