پي ٽي آءِ ثابت ڪيو ته فوج پٺڀرائي نه پئي ڪري: سوشل ميڊيا

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪينٽونمينٽ بورڊز جي آچر وارين چونڊن جي دلچسپ نتيجن ڪنهن کي حيران ڪري ڇڏيو ته ڪنهن کي وري ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. ڪالهه سوشل ميڊيا تي ڪينٽونمينٽ بورڊز جون چونڊون ٽرينڊ رهيو، صارفين سياسي پارٽين خاص طور تي حڪمران جماعت پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن  جي ڪارڪردگي جي ڀيٽ ڪئي. چونڊن جي غير حتمي نتيجن موجب چونڊن ۾ پي ٽي آءِ برتري حاصل ڪئي آهي پر پنجاب ۾ ڪاميابي ماڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پنجاب ۾ ن ليگ سڀ کان وڌيڪ سيٽيون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.ياد رهي ته ڪينٽونمينٽ بورڊز سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ آهن، انڪري اتي سڀ کان ڌيڪ سيٽن تي چونڊ ٿي، جنهن ۾ حڪمران پارٽي کي سوڀ نصيب نه ٿي سگهي، ايستائين جو تحريڪ انصاف راولپنڊي ڪينٽونمينٽ، چڪلالا ڪينٽونمينٽ ۽ واهه ڪينٽ ۾ به هارائي وئي، انهن نتيجن سياسي مبصرن ۽ سوشل ميڊيا جي صارفن کي حيرت  ۾ وجهي ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ صارف منيب باسط لکيو ته راولپنڊي بورڊ تان پي ٽي آءِ جي هارائڻ مان ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ کي فوج جي پٺڀرائي نه آهي. راولپنڊي، چڪلالا ۽ ٽيڪسلا ڪينٽونمينٽ بورڊز جي نتيجن تي ٽوئيٽر تي صارف حيرت سان گڏ ڪاوڙ جو به اظهار ڪري رهيا آهن، ڪجهه صارفين موجب ڪجهه هنڌن جي نتيجن ن ليگ کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي، سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار سهيل وڙائچ لکيو آهي ته پي ٽي آءِ کي هارائڻ جي سببن تي غور ڪرڻو پوندو، اهو ڏسڻو پوندو ته انهن علائقن ۾  پي ٽي آءِ جي حمايت گهٽجي وئي آهي يا ان جو ٻيو ڪو سبب آهي؟ سندس خيال ۾ پي ٽي آءِ پنجاب ۾ ڪا خاص تبديلي آڻي نه سگهي آهي. سهيل خان سومرو نالي هڪ صارف لکيو ته توهان پشاور ۾ گذريل 8 سالن ۽ وفاق ۽ پنجاب ۾ ٽن سالن کان اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آهيو، حڪومت ۾ هوندي 211 مان 63 سيٽون کٽيون نه آهن پر  سيٽون 148 هارايون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.