ڦل ڀرسان زميني تڪرار تان ماروٽ هٿان نوجوان قتل

ڦل (ن ع آ) ڦل ڀرسان ڳوٺ خير محمد جانوري ۾جانوري برادري جي الله وڌايو جانوري ۽ ننگر جانوري ۾ ٻه ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪي تان ھلندڙ تڪرار سبب جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ ماروٽ غلام مرتضيٰ جانوري جي هٿان گولي لڳڻ سبب ڳڀرو نوجوان شھزادو جانوري سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳڻتي حالت ۾ نوشھرو فيروز اسپتال نيو ويو جيڪو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، مقتول نوجوان جي گھر ڪھرام متل، ھلندڙ تڪرار جو نبيرو اڄ شام تر جي نيڪ مرد سيٺ رحمت علي کوکر وٽ رکيل ھو، پر ٻنھي  ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب جهيڙو ٿي پيو، مقتول جي هڪ ڀاءُ اربيلو اسپتال ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڀاءُ کي زرعي زمين جي تڪرار تان فوجي غلام مرتضيٰ جانوري، بهادر علي رند قتل ڪيو آھي، ڦل پوليس ٿاڻي جي ايس او راڻا جمشيد راجپوت مطابق مقتول نوجوان شھزادو جانوري جو پوسٽ مارٽم بعد هاڻي سندس تدفين ٿي آھي، وارث آيا ته ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. جڏهن ته مقتول نوجوان جي ڳوٺ ۾ جنازي نماز ادا ڪري آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.