ڪوهستان سان ڪلور، عدالت وڃڻ ۽ جدوجهد تيز ڪرڻ جو فيصلو

ٺٽو (رپورٽ: منصور جلالاڻي ) ڪوھستان جي سياسي، سماجي اڳواڻن سميت مقامي ماڻهن پاران ڪلو ندي تي تڪراري ريتي دڪي جي  خاتمي، ڪوھستاني پٽي ۾ ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي ٿيندڙ غيرقانوني والار، ضلعن جي حدبندي، مقامي ماڻھن کي روزگار نه ملڻ، ٺٽو وايا جھمپير روڊ جي نئين سر تعمير سميت بند ٿيل اسڪول کولرائي تدريسي عمل کي جاري ڪرائي گيلو پالاري جي قتل جي جوڊيشل جاچ ڪرائڻ لاءِ گڏيل جدوجھد تي اتفاق ڪندي مرحليوار تحريڪ جو آغاز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، اھڙو فيصلو ڪوھستان راڄوڻي اتحاد ۽ ڪوھستان بچايو ڪميٽي جي جھمپير لڳ نظر پالاري فارم تي ڊاڪٽر لکمير خان پالاري جي صدارت ۾ منعقد ڪيل گڏيل اجلاس ۾گڏ ٿيل ڪوھستان واسين پاران ڪيو ويو. منعقد ڪيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪوھستان راڄوڻي اتحاد ۽ ڪوھستان بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر لکمير خان پالاري، محمد بخش بروھي، ڊاڪٽر امتياز پالاري، شاھ محمد چانگ، انور پالاري، علي کوسو، حاجي محمد حسين پالاري، عبدالحميد پالاري، عبدالرحمان چانگ، اڪبر شورو ۽ ٻين چيو ته ڪوھستاني پٽي ۾ وڏي تعداد ۾ ونڊ پراجيڪٽ لڳڻ باوجود مقامي ماڻھن کي روزگار سميت ڪا به بنيادي سھولت ميسر ناھي، ٻئي صورت ۾ سمورن مسئلن جي حل لاءِ عدالت ۾ وڃڻ سان گڏ مرحليوار تحريڪ جو آغاز ڪري 10 آڪٽوبر تي مسئلن جي حل لاءِ جھمپير شھر ۾ احتجاجي مظاھرو ڪرڻ سان گڏ سمورن مسئلن جي حل تائين جدوجھد کي جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.