ٽنڊو آدم ۾ سماجي برائين ۽ منشيات خلاف 22هين ڏينهن به احتجاجي ڪيمپ

ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊي آدم ۾ هلندڙ سماجي براين ۽ منشيات فروشي خلاف سنڌ پاڪ تحريڪ پاران شاهجهان جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ 22هين ڏينهن به احتجاجي تحريڪ جاري رهي، ڪيمپ تي ٽنڊي آدم سميت  سنڌ جي مختلف شهرن ميرپور خاص، بدين، تلهار، ٺٽو، شهداد پور، ٻيراڻي، ڄام نواز علي، نوابشاهه، ڄامشورو، دادو، حيدرآباد، سميت ڪيترن ئي شهرن مان منشيات فروشي خلاف آواز اٿارييندڙ باشعور شخصيتون پهتيون جن ڪيمپ تي موجود شاهجهان جوڻيجو، سرور ابڙو، عبدالغفور ڪيريو، نادر ڏيرو، انور چاڪراڻي، جبل کوسو، عبدالله بهڻ ۽ تحريڪ جي ٻين ساٿين سان همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊي آدم شهر سميت ضلعي اندر ۽ سنڌ سموري ۾ منشيات جو وڪرو عام ۽ جام پوليس جي سرپرستيءَ هيٺ هلي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.