نٿا چاهيون ته صنعتون متاثر ٿين، پورهيتن کي نٿا ڇڏي سگهون: هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار25 هزار مقررڪرڻ جي خلاف مالڪن ۽ پورهيت اڳواڻ جي  ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. عدالت آڏو مالڪ ۽ پورهيتن اڳواڻ هڪ فارمولي تي منتفق نه ٿي سگهيا آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ۾ چيو ته اسان نٿا چاهيون ته صنعتون متاثر ٿين ۽ اسان پورهيت کي به نٿا ڇڏڻ چاهيون، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڀارت، بنگلا ديش ۽ سريلنڪا ۾ به 20هزار پاڪستاني رپين تي پورهيت ڇو مطمئن آهن، ڇو نه هڪ اعليٰ سطح جو هڪ ڪميشن جوڙيو وڃي،  جيڪي گهٽ ۾ گهٽ پگهارون مقررڪرڻ کانپوءِ ان تي عمل ڪري  19 هزار جي گهٽ ۾ گهٽ پگهارن جو عارضي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تي ڌرين جو اختلاف آهي، سرڪاري وڪيل علي صفدر چيو ته ويج بورڊ جي چئيرمين مقررڪرڻ جي لاءِ حڪومت کي خط لکيو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته ايم اي ايجوڪيشن آفيسر مزدورن جي حوالي سان ڪهڙا فيصلاڪندو، پورهيتن جي اڳواڻ ان ڳالهه تي اعتراض ڪيو ته سمورا درخواست گذار صنعتڪار ناهن، ٿرڊ پارٽي ڪنٽريڪٽر آهن. عدالت اصيل مالڪن ۽ ڪنٽريڪٽرن جي فهرست طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.