پيرجوڳوٺ ۾ 22 جانيون ڳڙڪائيندڙ تڪرار جي نبيري لاءِ ڌريون راضي

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: علي گل جوڻيجو ) پيرڳوٺ لڳ فيض محمد ٻنڊو ۽ الرا ڀٽا واري علائقي ۾ 22 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ  ڀٽا، ناريجا ۽ اوڍا برادري ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ ناريجا برادري پاران چيف سردار حاجي ميرل ناريجو جي هدايت تي سردار حسين بخش ناريجو، ممتاز علي ناريجو، عبداللطيف ناريجو، ميانداد خان ناريجو، ايڊوڪيٽ علي اڪبر ناريجو، مير ممتاز ٽالپر، سيد اظهر شاهه، رجب الرو، ڪوڙل خان ناريجو، مولوي سراج احمد جمالي، غلام شبير گهمرو، راجا خان الرو، ممتاز ڪانهر، وڏيرو محمد ڇٽل ڀنڊ امير بخش انصاري، عارف خان مهر، نادرخان الرو، ضمير حسين الرو. لال بخش شر ۽ ٻيا پاڪ ڪتاب کڻي ڀٽا برادري وٽ پهتا جتي ڀٽا برادري کي ٺاهه جي اپيل ڪئي جنهن تي ڀٽا برادري جي صدرالدين ڀٽو ڀاڳيل ڀٽو. حاجي نبن ڀٽو ۽ ٻين ٻن ڪلاڪن تائين صلاح مشورو ڪرڻ بعد ٺاهه جو راضپو ڏيکاريو آهي. جڏهن ته فيصلي جي تاريخ  سردار امير بخش ڀٽو سان صلاح مشوري بعد جلد مقرر ڪئي ويندي. ميڙ کي مخاطب ٿيندي ڀٽا برادري جي چڱي مڙس پاڪ ڪتاب هٿن ۾کڻي ميڙ ٿي آيل چڱن مڙسن کي چيو ته علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اڍا ۽ ناريجا برادرين ۾ ميڙيون کڻي سرچاءُ ڪرايو جيڪا ڌر نه مڃي ان سان سندس برادري ڪنهن قسم جو تعاون نه ڪري. جڏهن ته ڀٽا برادري پاران ٺاهه لاءِ راضپو ڏيکارڻ کانپوءِ علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي. ياد رهي ته تائين ٽن پوليس اهلڪارن سميت 22 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.