فيڪٽري ملازمن کي هراسان ڪرڻ جي رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ملازمن تي فيڪٽري انتظاميا کي هراسان ڪرڻ جي الزام واري ڪيس ۾ عدالت سي بي اي يونين جي عهديدارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کان 30 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي .جڏهن ته اسٽي آرڊ ڪرڻ جي زباني  درخواست  رد ڪري ڇڏي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته منگهو پير جي صنعتي علائقي ۾ ڊاڊيڪس ڪمپني جولاءِ ۾ بند ٿي وئي. سي بي اي لبير يونين جي احتجاج جي ڪري انتظاميا اچڻ ڇڏي ڏنو .  جڏهن انتظاميا جي آفيسرن تي تشدد ڪيو ويو ،

پوليس اهلڪارن کي سوشل ميڊيا جي استعمال تي ڪارروائي جو چتاءُ

ڪراچي( رپورٽر) پوليس اھلڪارن طرفان سوشل ميڊيا جو غلط استعمال، آءِ جي سنڌ ڪارروائي جو چتاءُ ڏئي ڇڏي، آءِ جي سنڌ مشتاق  مهر طرفان جاري ڪيل وارننگ ۾ چيو ويو آھي ته اھلڪار سوشل ميڊيا جو غير ذميواراڻو ۽ غيرمناسب استعمال ڪن ٿا، جيڪو قابل ڏوهه به آھي، اھلڪار اڻ تصديق ٿيل ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام توڙي ٻين سائيٽن تي شيئر ڪن ٿا، آءِ جي سنڌ جو چوڻ آھي تھ اھلڪار سياسي ويووز به سوشل ميڊيا تي ھلائين ٿا، جيڪو غيرذميواراڻو ۽ غيرمناسب آھي، جيڪڏھن ڪو به اھلڪار سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۾ ملوث نڪتو ته سندس خلاف سخت ڊسيپلينري ايڪشن کنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.