صدر جي خطاب دوران گوڙ، پهريون ڀيرو صحافين لاءِ پارليامينٽ جا در بند

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) مخالف ڌر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب دوران واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان، مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، چئني صوبن جا گورنر، وڏا وزير، آزاد ڪشمير جو صدر، سروسز چيفس، مختلف ملڪن جا سفير به موجود هئا، صدر جي خطاب جي شروعات تي ئي اپوزيشن ميمبرن ايوان ۾ گوڙ شروع ڪري ڇڏيو ۽ سخت احتجاج ڪيو، احتجاج سبب صدر خطاب دوران ٻه ڀيرا پاڻي پيتو، مخالف ڌر ميمبر اسپيڪر ڊائيس آڏو گڏ ٿي ويا، اپوزيشن پلي ڪارڊ به کڻي بيٺل هئي جن تي آزاد ميڊيا تي حملا نامنظور، ماڻهن جو معاشي قتل عام بند ڪريو ۽ ميڊيا تي مارشل رد  سميت ٻيا نعرا لکيل هئا، صدر جو خطاب جاري هو ته اپوزيشن ميمبرن واڪ ڪري ڇڏيو، صدر پنهنجي خطاب ۾ ميڊيا جي خدمتن تي انهن جو ٿورو مڃيو، هن پارليامينٽ جي پريس گيلري ڏانهن نظر وڌي ته اها خالي نظر آئي، صدر مملڪت ان موقعي تي گيلري خالي هئڻ تي حيران رهجي ويو ۽ هن هٿ جي اشاري سان ان جو اظهار به ڪيو، جڏهن ته اپوزيشن قيادت صحافين جي ڌرڻي ۾ پهتي، شهبازشريف، بلاول ڀٽو ۽ ٻيا ميمبر صحافين وٽ ايڪتا لاءِ پهتا ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪيو، شهبازشريف چيو ته حڪومت وٽ اهو ڪارو قانون پاس ڪرڻ جي همت ناهي،بلاول چيو ته آزاد صحافت لاءِ اپوزيشن پارٽيون هڪ ئي پيج تي آهن، پارليامينٽ ۾ پي ايم ڊي اي قانون جي ڀرپور مخالفت ڪنداسين، حڪومت زبردستي بل منظور ڪرايو ته عدالت وينداسين، هن چيو ته اپوزيشن پارٽيون بي اعتمادي جو هٿيار استعمال ڪري سليڪٽڊ جي حڪومت ختم ڪري سگهن ٿيون، فواد چوڌري پاران آرمي چيف جي تقرير ۾  ففٿ جنريشن وار جي ذڪر کي پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي سان ڳنڍڻ بابت سوال جي جواب ۾ بلاول چيو ته وزيراعظم ۽ وزيرن کي اسان جي فوج ۽ فوجي قيادت کي ان طرح سان سياست ۾ نه گهلڻ گهرجي، ڪٺ پتلي وزيراعظم ففٿ جنريشن وارفيئر جو مقابلو ڪرڻ ۽ جواب ڏيڻ جي صلاحيت نٿو رکي، حڪومت ڪيترائي ڀيرا اداري کي پنهنجو سياسي سهارو سمجهي پاڻ کي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمدالله چيو ته اڄ پارلياماني تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، عمران خان جي حڪومت جي شڪل ۾ ملڪ تي آمر مشرف جو روح مڙهيل آهي،ڌرڻي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسيمبلي ۾ آئين سان ٽڪراءُ ۾ ايندڙ قانون آندا پيا وڃن، صحافين جي حقن جي جنگ ۾ ساڻن گڏ آهيون،ايم اين اي اسعد محمود چيو ته اسان جي سياست، پارليامينٽ ۽ ميڊيا به يرغمال آهي، جڏهن ته بعد ۾ آر آءِ يو جي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

اسلام آباد (م ڊ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري کي بند ڪيو. صحافين کي پارليامينٽ  هائوس جي پريس گيلري ۾ داخلا کان روڪيو ويو، جنهن تي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو باڊي سخت احتجاج ڪيو. پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن پارليامينٽ جي گيٽ نمبر هڪ تي ڌرڻو هڻندي چيو ته پارليامينٽ ڪور ڪندڙ صحافين کي پريس گيلري جا ڪارڊ جاري نه ڪيا ويا. صحافين بدران ٻين ماڻهن کي پريس گيلري جا ڪارڊ جاري ڪيا ويا ۽ صحافين کي اهم ڪوريج کان روڪيو ويو آهي. هوڏانهن پارليامينٽ هائوس جو مک دَر سيل ڪيو ويو ۽ مهمانن جي اچ وڃ لاءِ وزيراعظم هائوس وارو رستو استعمال ڪيو پيو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.