مريم نواز جي خاموشي ڪم ڏيکاري وئي، پنجاب ۾ حيران ڪندڙ نتيجا

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) تجزئي نگار عمران شفقت پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن اهي حيران ڪندڙ به آهن ته پريشان ڪندڙ به آهن، جيڪي ماڻهو چئي رهيا هئا ته ن ليگ ختم ٿي وئي، مريم نواز جي خاموشي ڪم ڏيکاري ڇڏيو، ڪنٽونمينٽ  بورڊ ڇانوڻيون آهن، اهي لوڪل باڊيز اليڪشن وانگر آهن، جنهن جي حڪومت صوبي ۾ هوندي آهي اتي ئي مڪاني چونڊن ۾ حڪمران پارٽي ڪامياب ٿيندي آهي، هن چيو ته پنجاب جي ڪنٽونمينٽس ۾ هر سطح جي مصلحت کي پاسيرو رکي ڇڏيوپشاور ۾ به ٿيو آهي، اتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اتي به حڪمران پارٽي کي اپ سيٽ ٿيو آهي،ڪي پي ۾ 37 مان 18 پي ٽي آءِ کي مليون، پ پ 3 اي اين پي 3، ن ليگ 5، آزاد 9 پنجاب ۾ 119 سيٽن مان ن ليگ کي 51، پي ٽي آءِ کي 28 ، ٽي ايل پي کي هڪ سيٽ ملي، هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي شڪست اهو ثابت ڪري ٿي ته کين آڻڻ وارا يا عوام ڪاوڙيل آهي، پنجاب ۾ پ پ کي شڪست جا ٻه سبب آهن، هڪ ته اتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اتي جو عوام اڃا پ پ مان راضي ناهي، 2018 ع جي چونڊن ۾ پنڊي ۾ پي ٽي آءِ تي خاص مهرباني ٿي هئي، هن ڀيري اتان ن ليگ کي 9 مان 7 سيٽون مليون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.