ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي سازش ڪامياب نه ٿيندي: سراج الحق

لاهور( پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت جو مزاج ڊڪٽيٽرشپ وارو پر دعوائون جمهوري قدرن جي بالادستي جون آهن. ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جون سازشون ، عدليه ۽ اليڪشن  ڪميشن جي مٿان حملا ، بلدياتي اليڪشن نه ڪرائڻ حڪومت جي ڊڪٽيٽرشپ مائينڊ سيٽ کي صاف واضح ڪن ٿا. پي ٽي آئي ۽ روايتي سياسي پارٽين ۾ ذري برابر ڪو به فرق نه آهي سڀني عوام جي خواهشن ۽ اميدن جو قتل ڪيو آهي. قوم بادشاهت جي سوچ رکندڙ حڪمرانن کي رد ڪي ٿي،سراج الحق ممتاز محقق ۽ ڪالم نگار ڊاڪٽر صفدر محمود ۽ سينئر صحافي عظيم سرور جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.