جيڪب آباد ڀرسان فائرنگ، عورت قتل

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد جي علائقي پنهون ڀٽي جي حد درگاهه لعل شاهه بري تي زيارت جي لاءِ مڙس سان گڏ ايندڙ فوزيا کوسو کي  موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو،  جوابدار آساني فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اطلاع جي بعد پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جي موجب واقعي جي حقيقت معلوم نه ٿي سگهي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن اسپتال کان لاش گهر منتقل ڪرڻ لاءِ وارثن کي سرڪاري ايمبولينس فراهم نه ٿي سگهي، جنهن جي ڪري لاش کي سوزڪي پڪ اپ جي ذريعي گهر کڻائي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.