ٽنڊي آدم ڀرسان پسند پرڻو ڪندڙ ناري ڦاهو کائي ڇڏيو

ٽنڊو آدم/شهداد پور (نمائندا ) ٽنڊو آدم لڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ٽنڊي آدم تعلقي ٿاڻي  جي حد ڳوٺ طيب ٿهيم ۾ 2 سال اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ تسليم زال عصمت ٿهيم جو مبينا طور گهر اندر ڦاهو کاڌل لاش ھٿ آيو آھي، گهر وارن موجب تسليم عمراڻي 2 سال اڳ عصمت ٿهيم سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، مڙس سان جهيڙي بعد اهو قدم کنيو، لاش ڪيترائي ڪلاڪ سمس اسپتال ۾ پيل رهيو جيڪو بعد ۾ تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم منتقل ڪيو ويو ايس ايڇ او تعلقي ٿاڻو اسحاق سنگراسي موجب ناري جا والدين حيدرآباد جا رهواسي آھن ان جي والده کي اطلاع ڏنو ويو، جيڪا پهتي آھي، اسان پوسٽ مارٽم ڪرائي قانوني گهرجون پوريون ڪري جاچ ڪنداسين، باقي وڌيڪ مائٽن جي مرضي هوندي ان موجب قدم کنيو ويندو ۔ وارثن جو چوڻ آھي ناري مڙس سان ڪاوڙجي اهو قدم کنيو آھي وڌيڪ جاچ جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.