سکر ۾ پوليس تشدد ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو

سکر(رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سکر ۾سانگي پوليس هٿان مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل عثمان جتوئي جي وارثن پاران هڪ ڀيرو ٻيهر قومي  شاهراه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ٽرئفڪ مڪمل طور جام ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته سانگي پوليس جي ايس ايڇ او محمد خان سيال ۽ ٻين اهڪارن اسان جي نوجوان عثمان جتوئي کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو جنهن سبب اسان گذريل ڏينهن قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو جنهن کانپوءِ انتظاميه يقين ڏياريو هو ته سانگي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو جنهن سبب رات ڌرڻو ختم ڪيو هو پر ان باوجود ڪيس داخل نه ٿيڻ ڪري ٻيهر ڌرڻو هنيو ويو آهي جيڪو سانگي ٿاڻي تي پوليس اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ تائين جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.