حضرت بهاالدين زڪريا ملتاني جو 782 هون ساليانو عرس شروع

ملتان(م ڊ) ننڍي کنڊ جي عظيم روحاني پيشوا حضرت بهاالدين زڪريا ملتاني جي 782 هين سالياني عرس جي ٽن ڏينهن واري تقريبن جي شروعات ٿي وئي،پرڏيهي وزير سجاده نشين حضرت بهاالدين زڪريا جي مزار کي غسل ڏئي عرس جي تقريبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مخدوم زاده زين قريشي،۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مزار کي غسل ڏيڻ کانپوءِ دربار عاليا جي سجاده نشين مخدوم شاهه محمود قريشي ملڪي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعا ڪرائيندي چيو ته اسانکي دشمن جي سازشن کي سمجهڻ گهرجي

پي ٽي آءِ  جا اميدوار چئني صوبن ۾ ڪامياب ٿيا: شفقت محمود

اسلام آباد(م ڊ) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير چيو آهي ته ڪنٽومينٽ  بورڊ جي چونڊن جا نتيجا واضح طور سمورن صوبن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي زبردست طاقت ۽ مقبوليت کي ظاهر ڪن ٿا. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪنٽومينٽ بورڊ جي چونڊن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ هنن چونڊن ۾ پنهنجي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ جي سڀ کان مقبول جماعت طور سامهون آئي،هوڏانهن  مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو  ته پيپلزپارٽي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهي.

سنڌ ۾  ڪورونا سبب وڌيڪ 18 مريض فوت،  676 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 18 مريض  فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7177 ٿي ويو آهي جڏهن ته 13870 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 676 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته هن وقت 44960 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 44228 گهرن ۾، 35 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 697 مختلف اسپتالن ۾ آهن.

ڪينٽونمينٽ چونڊ، صدر ۽ گورنر جي تڪ ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست

ڪراچي ( رپورٽر) ڪينٽونمينٽ چونڊن ۾  ڪراچي ۾ به پي ٽي آءِ کي اپ سيٽ شڪست ٿي آهي.  صدر عارف علوي ۽ گورنرعمران اسماعيل جي چونڊ تڪ ڪلفٽن ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ٿي آهي. ان سلسلي ۾ ڪينٽونمينٽ چونڊن ۾  ڪلفٽن جي 10 سيٽن مان پ پ 4 کڻي وئي . پي ٽي آءِ ٻه سيٽون کٽي سگهي، جماعت اسلامي ۽ آزاد به ٻن  ٻن تڪن تي ڪامياب ٿيا. 03

طالبان هاڪاري بيانن تي عمل ڪن، حڪومت تسليم ڪرڻ ترجيح ناهي: قطر

دبئي(م ڊ) قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جو چوڻ آهي ته هن وقت افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ ترجيح نه آهي، پر هن گروپ لاءِ اهم اهو آهي ته اهي دنيا سان پنهنجن لاڳاپن کي ٺيڪ ڪن. ڪالهه فرانسيسي پرڏيهي وزير يان ليدريان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان طالبان کي خاطري ڪرائي آهي ته هڪ ٽياڪڙ جي حيثيت ۾ قطر جو ڪردار حقيقت پسنداڻو آهي ۽ دنيا کان اڪيلو ٿيڻ مسئلي جو حل نه آهي.

جبري مذهب جي تبديلي لاءِ مسودو غور هيٺ آهي: نور الحق

اسلام آباد (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي  وزير پير نور الحق قادري چيو آهي ته جبري مذهب جي تبديلي لاءِ انساني حقن واري وزارت جو مسودو مذهبي معاملن واري وزارت ۾ غور هيٺ آهي، ڄاڻايل قانون جي سمورن ديني، آئيني ۽ سماجي پاسن جي باريڪي سان جائزو وٺي رهيا آهيون جڏهن ته مذهب جي تبديلي لاءِ ڪا عمر جي قيد به نٿا رکي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.