ججز مقرري لاءِ بار کي ڳالهين جي آڇ، خبر ناهي ته احتجاج پٺيان ڪهڙا محرڪ آهن:چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ججن جي مقرري تي بار ڪائونسلز ۽ وڪيلن کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ججز مقرري جي معاملي تي بار ڪائونسلز جي صدر کي ڪيترائي ڀيرا دعوت ڏني، بار ڪائونسلز ۽ وڪيلن لاءِ هاڻي به دروازا کليل آهن. اها ڳالهه چيف جسٽس گلزار احمد سومر تي هتي سپريم ڪورٽ ۾ نئين عدالتي سال جي سروعات تي منعقد فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ۾ چئي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٿيل فل ڪورٽ ريفرنس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان علاوه  سپريم ڪورٽ جا سمورا ججز شريڪ ٿيا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پرڏيهه هجڻ سبب شريڪ نٿي سگهيو. فل ڪورٽ ريفرنس ۾ وائس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل خوشدل خان جي جاءِ تي اڳوڻي وائس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل سيد امجد شاهه، صدر سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن لطيف آفريدي جي جاءِ تي سيڪريٽري سپريم ڪورٽ بار احمد شهزاد راڻا ۽ اٽارني جنرل خالد جاويد خان سميت سمورن لا آفيسرن، سينئر وڪيلن ۽ آفيس جي عملي پڻ شرڪت ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ۾ چيو ته گذريل سال هر لحاظ کان پاڪستان سميت سڄي دنيا لاءِ ڏکيو سال هو، ڪورونا وائرس جي وبا سبب ڪيسن کي اڪلائڻ جي رستي ۾ وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، وبا باوجود عدالتن جو دروازو عوام لاءِ کليل رکيو، عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته گذريل عدالتي سال جي شروعات ۾ 45644 التوا هيٺ ڪيس هئا، گذريل سال 20910 نوان ڪيس داخل ٿيا جڏهن ته 12968 ڪيس اڪلايا ويا، اڪلايل ڪيسن ۾ 6797 سول پٽيشنز، 1916 سول اپيلون، 469 نظر ثاني درخواستون هيون. چيف جسٽس چيو ته هلندڙ سال اسان سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ججز جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس مشير عالم کي نوڪري جو مدو پورو ٿيڻ تي الوداع چيو ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ ۾ خوش آمديد چيو. جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس مشير عالم جون خدمتون عدالتي تاريخ ۾ سنهرن لفظن سان لکيون وينديون. چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ججز مقرري جي معاملي تي بار ڪائونسلن جي صدرن کي ڪيترائي ڀيرا دعوت ڏني. بار ڪائونسلن جي صدرن طرفان ٻڌايو ويو ته هو پشاور ۾ آهن، مونکي خبر ناهي ته بار ڪائونسلز ڇو هڪ طرفا موقف اختيار ڪندي معاملي کي اٿاريو، ججز مقرري جي معاملي تي بار ڪائونسلز جي راءِ هميشا ورتي وئي آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته بار ڪائونسلز جي ججز مقرري احتجاج جي پويان اصل سبب ڇا هو، بار ڪائونسلز ۽ وڪيلن لاءِ هاڻي به دروازا کليل آهن، بار ڪائونسلز ۽ وڪيل ججز مقرري جي معاملي تي اچي مون سان ڳالهه ٻولهه ڪن. ان موقعي تي اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته اعليٰ عدليا ۾ عورت جج جي کوٽ اڌ آبادي نمائندگي کان محروم رکندي. اڄ کان اڳ بئنچ ۽ بار وچ ۾ ايڏيون وڇوٽيون ڪڏهن نه هيون، هاڻ وڪيل هڙتال ڪندا آهن ۽ عدالتن جا دَر بند ڪيا ويندا آهن. هڙتال مزدورن جو هٿيار هو، جيڪو ظلم ۽ ناانصافين خلاف استعمال ٿيندو هو، پر هاڻ هڙتال کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. فل ڪورٽ ريفرنس سان خطاب ڪندي پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر امجد شاهه چيو ته ملڪ جو عدالتي نظام، خاص طور هيٺين عدالتن ۾ شفاف ۽ تڪڙي انصاف جي فراهمي اطمينان جوڳي ناهي، اها ڳالهه ساراهه جوڳي آهي ته عدالتن اڳوڻي وزيراعظم جي ڪيسن جي جلد ٻڌڻي ڪري فيصلا ڪيا پر ٻه ڀيرا آئين کي پامال ڪندڙ آمر جو ڪيس اڄ تائين ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ تازو وڪيل تنظيمن جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو ۽ بار ڪائونسلز جو چوڻ هو ته ججن جي مقرري ۾ سينارٽي اصولن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سينيئر هجڻ باوجود سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرر ڪرڻ ناانصافي آهي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.