ڪجهه ميڊيا مالڪ فيڪ نيوز کي پنهنجو حق قرار پيا ڏين: وفاقي سرڪار

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪجهه ميڊيا مالڪ فيڪ نيوز کي پنهنجو حق قرار ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي ملازمن کي چئي رهيا آهن ته پگهار سان گڏ بونس به وٺو ۽ رستن تي نظر اچو. سومر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عام ميڊيا ورڪر جي تحفظ ۽ فيڪ نيوز جي خلاف وڏي ڏنڊ وارو قانون صحافت جي خلاف ڪيئن آهي؟ ڪوڙي خبر ڪنهن بنيادي حق ٿي سگهي ٿو؟ هوڏانهن وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي واضح برتري پروپئگنڊه مهم هلائيندڙ درٻارين جي منهن تي چماٽ آهي. نااهل ڪجهه وارڊن تي پيپلز پارٽي صرف لاڙڪاڻي تائين محدود ٿي وئي آهي، هوڏانهن شهباز گل چيو آهي ته نااهل درٻارين کي ميڊيا جي نالي تي گهٽيا سياست ڪرڻ نه ڏينداسين، ميڊيا جي آزادي غيرجانبداري ۽ صحافتي قدرن جي تحفظ کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، ٻئي پاسي  اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ايم ڊي اي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف سب ڪميٽي جوڙي، عين وقت تي سب ڪميٽي جي اجلاس کي ملتوي ڪري مريم اورنگزيب سميت مخالف ڌر پارليامينٽ جي فورم کي پاڻ بي توقير ڪري رهي آهي.انهن لاءِ ميڊيا جي ڊولپمينٽ، فيڪ نيوز جي خاتمي ۽ ميڊيا ورڪرز جي نوڪرين جي تحفظ، وقت سر پگهارن جي ادائيگي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڪا دلچسپي نه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.