منهنجي مرڻ يا زخمي ٿيڻ جا افواهه دشمن پيا پکيڙين: ملا عبدالغني برادر

ڪابل( م ڊ) افغانستان جي عبوري نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر سندس مارجڻ يا زخمي ٿيڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سندس مرڻ يا زخمي ٿيڻ جا افواهه دشمن پيا پکيڙين. ملا عبدالغني برادر هڪ آڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته افغانستان ۾ ئي موجود آهيان، مختلف شهرن ۾ دورا ڪري رهيو آهيان . هوڏانهن ملا عبدالغني برادر جي مارجڻ جي افواهه بعد طالبان سندس قنڌار ۾ موجودگي جي وڊيو ڏيکاري. واضح رهي ته قطري پرڏيهي وزير جي آمد دوران ملان عبدالغني برادر جي غير موجودگي سبب افواهه پکڙيا ته پاڻ ۾ ويڙهه دوران ملا عبدالغني کي ماريو يا زخمي ڪيو ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.