سرڪاري دعوائون ڌوڙ، سنڌ ۾ ساڍا 6 لک ٻارن اسڪول جو منهن ئي نه ڏٺو

ڪراچي( م ڊ) سنڌ ۾ 44 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، 13 ضلعن ۾ ته 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار اسڪولن جو منهن نه ڏسي سگهيا آهن. مجموعي طور سنڌ ۾ 5 کان 16 ورهين جي تقريبن   14,675,864 ٻارن مان 6,484,007 کان وڌيڪ ٻار تعليم کان محروم آهن.  ان سلسلي ۾ پاڪ الائينس فار مئٿس اينڊ سائنسز جي رپورٽ موجب اسڪول ڇڏڻ جو سلسلو عمر وڌڻ سان شروع ٿئي ٿو، خاص طور 10، 11 ورهين جي عمر ۽ 14 کان 16 ورهين جي عمر ۾ اسڪول ڇڏڻ جو لاڙو وڌي رهيو آهي. وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته95 سيڪڙو ٻارن ڪڏهن به اسڪول جو منهن ناهي ڏٺو، جڏهن ته 30 سيڪڙو اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. رپورٽ موجب 19 سيڪڙو ٻار ان ڪري اسڪول نه ٿا وڃي سگهن ڇاڪاڻ ته هو گهر يا ٻئي هنڌ پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن. 21 ضلعن ۾ 44 سيڪڙو ٻار ٻاهر هجڻ باوجود سرڪاري اسڪولن ۾ 70 سيڪڙو داخلا ڏيکاريل آهي. 29 مان 14 ضلعا ته انتهائي طور سرڪار تي مدار رکن ٿا. انهن ۾ ٺٽو، ڪشمور، ٽنڊو محمد خان، سجاول، بدين، شڪارپور، جيڪب آباد، ٿرپارڪر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، قمبر شهدادڪوٽ، عمر ڪوٽ، مٽياري ۽ شهيد بينظير آباد آهن، سنڌ ۾ 12هزار کان مٿي اسڪول ته غيرفعال ڏيکاريل آهن. انهن ۾ تقريبن 51 سيڪڙو ٻار تعليم کان محروم آهن.  ڪراچي جي ڇهن ضلعن ۾ اڌ کان وڌيڪ شاگرد خانگي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. ڪورنگي ۾ ته 70 سيڪڙو ٻار خانگي اسڪولن ۾ آهن. ٻئي طرف وڏو انگ مدرسن ۾ داخل آهي. ٿر پارڪر ۾ 10 سيڪڙو ٻار، ڪراچي اولهه ۾ 6 ۽ ڪراچي اوڀر ۾ 5 سيڪڙو ٻار مدرسن ۾ آهن. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽڪس موجب 13 ضلعن ۾ 50 سيڪڙو کان مٿي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. جڏهن ته 7 ضلعن ۾ اسڪولن کان ٻاهر رهيل شاگردن جو تناست تمام گهٽ آهي.  جن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جا 6 ضلعا آهن. ٺٽي جي صورتحال سڀني کان خراب آهن، جنهن ۾ 71 سيڪڙو ٻار اسڪول کان محروم آهن. ڪشمور ۾ 63 سيڪڙو ، ٽنڊي محمد خان ۾ 66 سيڪڙو ۽ سجاول ۾ 65 ۽ بدين ۾ 63 سيڪڙو ٻار تعليم کان محروم آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان کان پوءِ سنڌ صوبو آهي جتي گهڻا ٻار ۽ نوجوان اسڪول وڃي نه سگهيا آهن. ڪراچي ريجن ۾ سڀ کان وڌيڪ ملير ضلعي ۾ 38 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. 03

12 هزار اسڪول بند آهن، في ڊيسڪ 29 هزار ۾ ورتي پئي وڃي: حليم عادل

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي ۾ بند اسڪولن ۽ نصاب جو معاملو گونجي ويو، تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته  پي ٽي آءِ آئين پڙهڻ کانسواءِ ئي منشور ۾ هڪ نصاب شامل ڪري ڇڏيو، وفاق جي نصابي مارشلا کي رد ڪيون ٿا. اهڙو اظهار هن ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيل سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي پوائنٽ آف آرڊر ۽ سوالن جوابن دوران ڪيو، مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته صوبي ۾ 10 هزار اسڪول بند ڪيا پيا وڃن ۽ 29 هزار رپيا في ڊيسڪ جي حساب سان خريد ڪيون پيون وڃن جيڪي مارڪيٽ ۾ سستي اگهه تي موجود آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ 12 هزار اسڪول بند، 29 هزار اسڪولن ۾ ليٽرين ناهن. 31 هزار اسڪولن ۾ بجلي ناهي، 59 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. وفاق امير ۽ غريب لاءِ هڪ نصاب آڻي پيو ته ان جي مخالفت ڪئي پئي وڃي. تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه جواب ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت جي نصابي مارشلا قبول نه آهي، هڪ نصاب صوبا قبول نه ڪندا، مطالبو ڪيون ٿا ته صوبن کي سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ علائقائي ٻوليون پڙهائڻ ڏنيون وڃن، هن چيو ته سنڌ ۾ 47 هزار اسڪول آهن، جن مان 39 هزار پرائمري اسڪول آهن، 5 هزار اهڙا اسڪول آهن جن تي سيمس ڪوڊ آهي پر بلڊنگون ئي نه آهن، 4 هزار هاءِ اسڪول آهن. مشرف دور ۾ هڪ ڪمري وارا اسڪول ٺاهيا ويا، جنهن ۾ ٿر جي هڪ ڳوٺ واهري ۾ 64 اسڪول آهن، هن چيو ته اسڪولن جي حوالي سان سروي ڪرائي جنهن ۾ 11 هزار اهڙا اسڪول آيا جيڪي وائبل نه هئا، جن مان ڇنڊڇاڻ ڪري 7 هزار اسڪول بند ڪنداسين، انهن اسڪولن بابت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي معلومات ڏينداسين، جنهن کي به ڪو اعتراض هوندو ته ٻڌو ويندو، ان لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. سوالن جوابن دوران  جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي  صوبائي وزير سردار شاهه کي تعليم کاتي جو ڪمزور ترين وزير قرار ڏنو ته اسپيڪر کيس موضوع کان هٽڻ بجاءِ ضمني سوال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.