وزيراعظم ۽ ڪابينا طبعيت نه پڇي: ڊاڪٽر قدير کي شڪايت

اسلام آباد( م ڊ) ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان شڪايت ڪئي آهي ته هن نازڪ  مرحلي ۾ به وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا پاران ڪنهن به سندس طبعيت ناهي پڇي. هن چيو ته قوم دعا گهري رهي هئي پر سرڪار پاران ڪا فون نه آئي.  ڊاڪٽر عبدالقدير چيو ته کيس حڪومت مان مايوسي ٿي. واضح رهي ته هن حڪومت کي ڊاڪٽر قدير جي صحت سڌرڻ لڳي. جلد گهر منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي. 03

ججن ۽ سرڪاري ملازمن کي پلاٽن لاءِ قرع  اندازي معطل

اسلام آباد( م ڊ)  اسلام آباد هائڪورٽ شهر جي سيڪٽر ايف 14 ۽ 15 ۾ ججن ۽ سرڪاري  آفيسرن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ لاءِ قرع اندازي معطل ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني پابندي وارو حڪم جاري ڪيو. چيف جسٽس چيو ته جن متاثرن کان زمينون ورتيون ويون، جن کي پلاٽ الاٽ ٿيا، اهي هن اسٽي آرڊر سان متاثر نه ٿيندا. فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائز ھائوسنگ فائونڊيشن جي ڊپٽي ڪمشنر ، ڊائريڪٽر اسٽيٽ ۽ ڊائريڪٽر قانون عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس چيو ته اسان وفاقي ڪابينا کان پڇيو آهي ته پاليسي ڇا آهي، جن کي ڪرپشن تي ڪڍيو ويو، انهن ججز کي به پلاٽ ڏنا ويا، توهان ٻڌايو ته ايف 14 ۽ 15 ۾ ڪيترا ميمبر آهن جن کي پلاٽ ناهن مليا؟ هن چيو ته مزدور جو ڪهڙو ڏوهه آهي، انهن کي پلاٽ ڇو نٿا ڏيو؟03

رميز راجا پي سي بي جو 36 هون چيئرمين مقرر

لاهور ( م ڊ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان رميز راجا پي سي بي جو نئون  چيئرمين مقرر ٿي ويو آهي.  پاڪستان ڪرڪيت ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مشهور ڪمنٽيٽر رميز راجا بنا ڪنهن مقابلي جي پي سي بي جو 36هون چيئرمين  چونڊجي ويو آهي.عبدالحفيظ ڪاردار، جاويد برڪي ۽ اعجاز بٽ کان پوءِ هو چوٿون رانديگر ۽ ٽيون اڳوڻو ڪپتان آهي جنهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چارج سنڀالي آهي.  نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس(ر) عظمت شيخ طرفان گورننگ بورڊ جي خصوصي اجلاس ۾ رميز راجا جي مقابلي ۾ ڪوبه اميدوار سامهون نه آيو جنهن کان پوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر رميز راجا جي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون سربراهه بنجڻ جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو.گورننگ بورڊ جي ان اجلاس ۾ اسد علي خان، جواد قريشي، عاصم واجد، جواد، عارف سعيد ۽ عاليه ظفر شرڪت ڪئي. پي سي بي جو چيف ايگزيڪٽو وسيم خان به ان اهم اجلاس جو حصو هو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن رميز راجا تي اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن کان پوءِ هن پي سي بي چيئرمين جي ڪرسي تي ويهي ميمبرن جو  ٿورو ادا ڪيو. رميز راجا ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ مستقبل جي پلان تي به روشني وڌي.

امرالله صالح جي گهران لکين ڊالر ۽ سون طالبان جي هٿ لڳي ويو

ڪابل( م ڊ) افغانستان جي اڳوڻي صدر امر الله صالح  جي گهر مان لکين آمريڪي ڊالر هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. طالبان اڳوڻي افغان نائب صدر امر الله صالح جي گهر مان ملڪيت جي وڊيو جاري ڪندي دعويٰ ڪئي ته امر الله صالح جي گهر مان 65 لک آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ رقم ملي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته طالبان هٿ آيل رقم ۽ سون جو جائزو وٺي رهيا آهن. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.