پ پ عوام جي خدمت ڪري رهي آهي:رسول بخش چانڊيو

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) صوبائي وزيرصلاحڪار رليف اينڊ بحالي رسول بخش چانڊيو ڳوٺ سوالي ڏنگڻو پهتو جتي ڳوٺ جي وڏيرو لکاڏنو ڏنگڻو،وڏيرو گل حسن ڏنگڻو،وڏيرو علي احمد ڏنگڻو،محمد ڏنگڻو ۽ ٻين پاران شاندار استعقبال ڪندي لاڙ سردار حاجي رسول بخش چانڊيو کي پڳ ٻڌرائي گلن جي ورکاءُ ڪئي وئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته اسان جو قديمي ڳوٺ آهي هر دور ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا رهيا آهيون اسان کي بخر آهي لاڙ سنڌ جي سردار حاجي رسول بخش چانڊيو تي هوڏانهن صوبائي وزيرصلاحڪار رليف اينڊ بحالي آف سنڌ لاڙ سردار حاجي رسول بخش چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي هميشه غريب عوام سان همدرد رهي آهي هتان جو عوام اسان کي عزيز  آهي جن اسان جي قيادت تي ڀروسو رکي اليڪشن دوران پيپلزپارٽي جا اڳواڻ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪيا آهن،ان موقعي تي سابق پيپلزپارٽي ايم پي اي محمد نواز چانڊيو،ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري،ايم اين اي نويد قمرالزمان شاھ،ضلعي جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومرو، پيپلزپارٽي تعلقي صدر امير سلطان چانڊيو سميت پيپلزپارٽي جا اهم اڳواڻ پڻ گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.