پ پ سنڌين جي حقن جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي:اي جي پي

گلشن اقبال (ن ع آ) عوامي جمهوري پارٽي ڪراچي ڊويزن ۽ ضلعي اوڀر جو گڏيل اجلاس ڪراچي ڊويزن جي صدر لال محمد چانڊيو جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ خاص طور تي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور نبي راھوجو, مرڪزي, غلام قمبر حاجاڻو ،حريف چانڊيو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هيٺان فيصلا ڪيا ويا ته عوامي جمهوري پارٽي ضلعي اوڀر جو ساليانو ڪنوينشن 10 آڪٽوبر منجھند جو 2 وڳي سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ڪيو ويندو، مرڪزي نائب صدر رشيد سڌايو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو ۽ ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري مير گلاب راڄپر ملير ضلعي جو دورو ڪري ملير ضلعي جي اجلاس ۾ ضلعي ڪنوينشن بابت رٿابندي ڪرائيندا، مرڪزي اڳواڻ حريف خان چانڊيو غلام قمبر حاجاڻو ۽ ڪراچي ڊويزن جو صدر لال محمد چانڊيو ضلعي اولھ جو تنظيمي دورو ڪندا ۽ ضلعي اجلاس ۾ ضلعي ڪنوينشن لاءِ رٿابندي ڪرائيندا. ڊويزنل صدر لال محمد چانڊيو جنرل سيڪريٽري مير گلاب راڄپر ضلعي اوڀر جي صدر ايڊووڪيٽ قادر بروهي ۽ مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت سنڌ چوطرف گهيرن ۾ گهريل هجڻ سبب سخت خطرن ۾ آهي پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار سنڌ جي وسيلن، روزگار، زمينن جي والار ۽ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن سبب سنڌ هڪ طرف ڌارين جي آبادڪاري سبب تيزيءَ سان اڪليت ۾ تبديل ٿيڻ طرف وڌي رهي آهي ۽ پيپلزپارٽي جو ڪرپٽ حڪمران ٽولو پنهنجانوازي ۽ ڪرپشن ۾ پورو آهي جنهن سبب وفاقي حڪومت پڻ اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.