عقيل الزمان نفيس انسان هو:مخدوم جميل

هالا (ن ع آ ) مخدوم امين فهيم جي پٽ ۽ مخدوم جميل الزمان جي ڀاءُ عمر ڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر مخدوم عقيل الزمان جي پهرين ورسي هالا شريف نهايت سادگي سان ملهائي، ورسي جي موقعي تي درگاهه شريف تي مرحوم جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سروري مريدن، عقيدتمندن، شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سروري جماعت جي روحاني پيشوا اڳواڻ مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم سهيل الزمان سان درگاهه سرورنوح تي پهچي مرحوم عقيل الزمان جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح پڙهي مرحوم جي مغفرت لاء دعا گهري. مخدوم جميل الزمان درگاهه جي احاطي ۾ مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مرحوم مخدوم عقيل الزمان هڪ نفيس ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو سندس وڇوڙو مخدوم هائوس لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. ان موقعي تي مخدوم جميل الزمان چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي هڪ وڏي پارٽي آهي، ملڪ جي سينيئر سياستدانن کي گهرجي ته هو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏيندي سندس هٿ مضبوط ڪندي ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪندا. هن چيو ته پيپلزپارٽي ٽانگا پارٽي ناهي جو ڪنهن جي چوڻ تي ختم ٿي ويندي، مخدوم جميل الزمان چيو ته پي ڊي اي جو وجود رکڻ وارو به بلاول ڀٽو زرداري هو ۽ ان مان کيس ڪير به ڪڍي نٿو سگهي. ڪجهه سياسي ليڊر پنهنجو قد ڪاٺ وڌائڻ لاءِ هٿرادو بيان بازي ڪري پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.