لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي نيو بس اسٽان رائيس ڪئنال دودائي ٽاپ جي رهواسي موٽرسائيڪل تي ڪپڙا وڪرو ڪري پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت محمد خان چانڊيو بااثر مائٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي محمد خان چانڊيو صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجو رائيس ڪئنال جي ٽاپ دودائي ٽاپ وٽ پلاٽ آهي، جنهن تي منهنجو بااثر مائٽ ڀٽو چانڊيو قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪندي ڪجهه ڏينهن مون کي ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس هٿان گرفتار ڪرايو، جنهن بعد مون پوليس کي پئسا ڏنا، جنهن تي پوليس مون کي آزاد ڪري ڇڏيو،  لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثر مائٽن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.