شهدادڪوٽ ۾غير معياري کير جو وڪرو وڌي ويو، ايس يو پي جو احتجاج

شھدادڪوٽ (ت ر) شھدادڪوٽ ۾ غير معياري ڪيميڪل وارو کير وڪرو ٿيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ شھرين شھرين رستم سومرو,پير بخش ڀٽي,حاڪم مستوئي, الله داد خشڪ,الطاف سومرو,فياض ميرجت ۽ حمل خشڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو جتي اڳواڻن چيو ته شھر جي مختلف چوڪن,دوڪانن ۽ ھوٽلن تي سرعام غيرمعياري ۽ ڪيميڪل وارو کير وڪرو ٿي رھيو آهي پر انتظاميا انهن خلاف ڪا به ڪاروائي ڪونه ڪري رھي آهي  جنهن ڪري زھر نما کير جو ڪاروبار تيزي سان جاري ساري آهي ھنن چيو ته ڪيميڪل وارو کير واپرائڻ سبب بيماريون پيدا ٿي رھيون آهن جنهن جون شڪايتون ڪرڻ باوجود به مقامي نوٽيس نه ٿي وٺي جنهن سبب ڪيميڪل واري کير جي واپرائڻ ڪري ٻارن ۾ پيٽ جون بيماريون عام ٿي ويون آهن  جيڪو انساني زندگين لاء وڏو خطرناڪ آهي جنهن ڪري ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھدادڪوٽ  کان مطالبو آهي ته زھر نما کير وڪرو ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي عمل آڻي انساني حياتيون بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.